اي بي راجپوت

اي. بي راجپوت: نامور صحافي، براڊڪاسٽر، قديم آثارن جو ماهر ۽ دهلي ميوزيم جو پهريون ڪيوريٽر (ميمبر) اي. بي راجپوت 1919ع ڌاري دهليءَ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو الله بخش هو. هنُ تهران ۾ پاڪستان سفارتخاني جي ثقافت واري شعبي ۾ 1955ع کان 1956ع تائين فرائض سر انجام ڏنا. 1960ع کان 1961ع تائين بيورو آف ايجوڪيشن جو سينٽرل ڊائريڪٽر ۽ 1964ع کان 1967ع تائين ڊپارٽمنٽ آف فلمز اينڊ پبليڪيشنز جو ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي، کيس ايران حڪومت طرفان ’نشان سپاس‘ جو اعزاز به مليو. هن جي لکيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
(1) Iran Today (1945), (2) The Panjab Crisis and Cause (1946), (3) The Architecture of Pakistan, (4) The Struggle for Freedom (1947), (5) Muslim League Yesterday and Today (1948) & (6) The Social Customs and Practices in Pakistan (1978).
هن 21 جولاءِ 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو